اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم نو??ز جي تقريرن مان واضح آهي ته اهي شڪست مڃي چڪا آهن، ناڪامي ۽ شڪست انهن جو مقدر آهي، اهي ماڻهو هڪ طرف گلگت بلتستان جي جمهوري ع??ل ۾ شريڪ آهن پر ٻئي طرف جمهوريت جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مريم نو??ز جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اها آهي انهن جي جمهوريت ۽ آئين سان پاسداري. اها سياسي بدحواسي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ قوم انهن کي بددعائون ڏئي رهي آهي جن پنهنجا کيسا ڀري ع??ام کي ڪنگال ڪيو.