اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بل??چستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض ??ن وقت وينٽي ليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وينٽي ليٽرز تي 93 ڪورونا جا مريض آهن، ??ن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 726 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جو تعداد 2 لک 86 هزار 157 ٿي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ??وران 5 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس جي ڪري فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن ??وران 23 هزار 521 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ سنڌ ۾ 9 هزار 384، پنجاب ۾ 8 هزار 907، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 202، اسلام آباد ۾ 2 هزار 253، بل??چستان ۾ 292، گلگت بلتستان ۾ 351، آزاد ڪشمير ۾ 132 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 99 هزار 233 ٿي چڪو آهي، جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 333، بل??چستان ۾ 13 هزار 321، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 41، اسلام آباد ۾ 15 هزار 762، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 663، پنجاب ۾ 97 هزار 306 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 30 هزار 807 مريض آهن.