مظفر آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير ج?? وز??راعظم راجا فاروق حيدر خان ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي ۽ ميمبرن چيو آهي ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير تي جارحاڻي سفارتي پاليسي جي ضرورت آهي، م??دي ڀارت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏ??و آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مظفرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير ج?? وز??راعظم چيو ته ڀارت ڪشمير تي 5 آگسٽ جو فيصلو طئي ٿيل منصوبابندي تحت ڪيو، ڪشمير تي سفارتي ۽ قومي سطح تي تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. وز??راعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۽ حريت قيادت پنهنجون ??ڏيل سفارشون پرڏيهي وزارت کي ڏئي ڇڏ??ون آهن. ڪشمير ج?? معاملي تي جارحاڻي سفارتي پاليسي جي ضرورت آهي، ڪشمير تي پاڪستان جي سياسي قيادت کي عملي يڪجهتي جي ضرورت آهي. فاروق حيدر چيو ته م??دي ڀارت کي انتهاپسندي جي انتها تائين پهچائي ڇڏ??و آهي، ڀارت ۾ اصل اختيار 5 سيڪڙو برهمڻ وٽ آهي، سمورا وسيلا انهن جي ڪنٽرول ۾ آهن ڪورونا وائرس کانپوءِ دنيا جون ترجيحون تبديل ٿي ويون آهن، ڪشمير پهرين نمبر تي هو. راجا فاروق حيدر چيو ته ڪورونا جي ڪري اقتصادي ترقي متاثر ٿي دنيا بدلجي وئي، ڪشمير تي پاڪستان ۾ سياسي يڪجهتي کي عملي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي جاگرافيائي حدن کي پکڙجڻو آهي، ڪشمير کي ان جو حصو بڻجڻو آهي. ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو ته وز??راعظم عمران خان جي هدايت تي عيد جي موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ هتي پهتو آهيان. شهريار آفريدي چيو ته مون سان گڏ ڪشمير ڪميٽي جا ميمبر پڻ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتا آهن. وز??راعظم عمران خان ڪشمير ج?? حقيقي سفير جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ اهم فورمن تي ڪشمير ج?? آزادي جو ڪيس وڙهي رهيو آهي، اسان ڪشمير ج?? لاءِ هر قسم جي قرباني لاءِ تيار آهيون. شهريار آفريدي چيو ته ڪشمير مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، ڪشمير ج?? آزادي تائين ڪشمير ج?? ڪيس وڙهنداسين، فاشسٽ م??دي حڪومت ڄاڻي وٺي ته ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون.