اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽت??ئي لاءِ وفاقي ۽ صوب??ئي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪاررو??ئي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضر??ري آهي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ا?? وقت شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ا?? وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان ف??ري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪر??ئي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئي هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.