اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ جي ڏس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ?? وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪر??ئڻ جي هدايت ڪئ?? آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آفشور پاڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جاري ڪرڻ ۽ گئس فيلڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فراهمي جي ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت ناڻي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سال ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ جي ڏس ۾ رابطا ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآمد جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي وڏن درآمد ڪندڙن سان جلد اجلاس منعقد ڪر??ئڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني قيمت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم رکڻ جي لاءِ زرتلافي جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪر??ئڻ جي هدايت پڻ ڪئ??.