اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪرڻي آهي ته جيئن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن ۾ ڪورونا جي ??کي?? کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي ??کي?? جو خدشو سڀ کان وڌ??ڪ آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ان جو وڌ??ڪ چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪئي وئي ته رضاڪاراڻي طور ??ي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، ا?? ڏس ۾ اين سي سي جي سمورن صوبن کي ڀرپور ??مايت حاصل آهي، واپارين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻو پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.