اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ احتياطي تدبيرن سان مسجدون کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت ۽ عالم سڳورن جي وچ ۾ متفقه پڌرنامي جي خلاف ورزي ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ جمعته المبا??ڪ کي توبهه جي ڏهاڙي ۽ رحمت جي ڏهاري طور مل??اي?? ويندو، مدرسن جي ٻارن جي لاءِ به گهر ويٺي تعليم جو پروگرام آن??و ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مذه??ي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.