اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني ??وب?? بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سر??نج??م ڏيندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي لاءِ صوبائي س??ح تي فوري قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم لاءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وزيراعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن ??وب?? کي برابر امداد جي ورڇ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات وارن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊي?? ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.