اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ??ين??ا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي ف??وغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص معاون ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪ??دي چيو آهي ته هي پروگرام مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.