لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊورٽائيزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيتن گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ايڊورٽائيزنگ ۽ ميڊ??ا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊورٽائيزنگ انڊسٽري لا??ن چاڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کان??وء?? بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊورٽائيزنگ جو شعبو انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ اسان ??شت??ارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ايڊورٽائيزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ايڊورٽائيزنگ ايڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لا??ور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.