اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گه??راءُ ڪري ڪشميري ??وا?? جا انساني حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي ص??ر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.