اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري ر??ند??سين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن ج??ن ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رزمڪ، اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ٻن جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن شهيد لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ شهيد لانس نائيڪ ساجد حسين جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري ر??ند??سين. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪن??ڙ ادارن ج??ن ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظ?? چيو ته مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ ان??ن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.