اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمرا?? خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن کان خطرو آهي ثبوت ڏي نه ته پنهنجو وات بند رکي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ??اه?? وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ کان وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي ٿو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي دماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وهيل چيئر تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثبوت پيش ڪري ته ان جي حياتي کي ڪنهن ڪنهن کان خطرو آهي. هن چيو ته عمرا?? خان کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ??يس کان آهي ان لاءِ گولي، پلستر، دٻي، وهيل چيئر ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمرا?? خان کي جڏهن به عدالت گهرائي ٿي ته هو گولي، پلستر، معذوري، بالٽي دٻي جو بهانو بڻائي ٿو ۽ هاڻي وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چيو ته عمرا?? خان اڳ ۾ ئي پنهنجي حڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي وڌو، سائفر جي ڊرٽي راند کيڏي، بعد ۾ آمريڪا کان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمرا?? خان چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي وڌو، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي خلاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمرا?? خان قوم کي گهرن مان ??ڍڻ کان اڳ پاڻ ته گهر کان ٻاهر نڪري. اڳ ۾ ڪاري بالٽي مان منهن ٻاهر ڪڍڻ جو اعلان ??ري، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ??ري. هن چيو ته چيف جسٽس جي تصوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمرا?? خان ڏني هئي.