لاهور- 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت، عدليه ۽ وڪيلن جي اها ذميواري آهي ته هو مظلومن جي ??دد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيلن ۾ قيدين لاءِ علاج جي سهولتن سميت ٻين بنيادي سهولتن جي ??راهمي اولين ترجيح آهي، قوم مون کان سوال پڇندي آهي ته عدالتن قيدين جي بدترين حالتن بابت ڪيترا پاڻمرادا نوٽيس ورتا، اجتماعي ڪوششن سان ملڪ کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ??و. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽ لکپت ??يل جي دوري جي ??وقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مرد ۽ عورت قيدين سان ملاقات ڪئي. انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي حل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. هن قيدين ۾ عيد گفٽ ورهايا، ??يل ۾ قيدين لاءِ اسپتال، ڪچن، عورت بيرڪ ۽ ??يل جي ??ختلف حصن جو دورو ڪيو. هن ??يل اسپتل ۾ ڪينسر سميت ٻين مريضن جي عيادت ڪئ?? ۽ ??نهن جي علاج جي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. هن صفائي جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي ??يل کاتو ۽ ??يل سپرنٽنڊنٽ به موجود هئا. ??يل سپرنٽينڊنٽ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ته نون آيل قيدين کي 14 ڏينهن لاءِ ڌار سيل ۾ رکيو ويندو آه?? ۽ ??ن کانپوءِ انهن کي لاڳاپيل بيرڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، ٽي ايم اي جي بند گاڏي روزاني ??يل مان گندڪچرو کڻندي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جڏهن هو تقريبن پنج مهينا ان ??يل ۾ هو ته ان وقت صفائي جي صورتحال تسلي بخش نه هئي تنهن هوندي به هاڻي ۾ ان ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي. وزيراعظم سان ملاقات دوران عورت قيدين پنهنجي ??سئلن کان آگاهه ڪيو، هڪ عورت وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن جو پورو خاندان ??يل ۾ آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي قانون موجب هي معاملو حل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. ??يل ۾ قيد هڪ ڀارتي عورت پنهنجي ڊي پورٽ ڪرڻ جو معاملو اٿاريو جنهن تي وزيراعظم چيو ته هو ان معاملي تي لاڳاپيل عملدارن کان قانون موجب ڪاروائي لاءِ چوندو. ??يل عملدارن ٻڌايو ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. هڪ ٻي عورت وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو 23 سالن کان ??يل ۾ آهي. ??يل عملدارن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل عورت خلاف قتل ۽ دهشتگردي جو ڪيس آه?? ۽ ??ن کي 25 سالن جي سزا ملي آهي، هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. وزيراعظم ان معاملي تي قانوني مدد جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم هڪ معذور عورت جو مسئلو به حل ڪرڻ لاءِ قانوني قدمن جي ??دايت ڪئي. هڪ ٻي عورت ٻڌايو ته هو 11 سالن کان ??يل ۾ قيد آهي، ??يل عملدارن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ان کي به 25 سال جي ??يد جي سزا ملي آهي. وزيراعظم اهو معاملو به قانون موجب اڪلائڻ جي ??دايت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عورت قيدين ۾ عيد جا تحفا پڻ ورهايا. وزيراعظم ??يل ۾ اسپتال جي دوري جي ??وقعي تي جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا قيدي جو ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ قدمن جي ??دايت ڪئي. شهباز شريف ??يل ۾ علاج هيٺ مريضن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي فوري حل جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته منهنجي دوري جو مقصد قيدين جي ??شڪلاتن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي، ??يل جي اندر قيدين جي تاثرن جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، قيدي پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن کي ياد ڪ??دا آهن، ??يل ۾ قيد ماڻهن جا گهروارا پنهنجي ??يارن کي ياد ڪ??دا آهن، قيدين جي ??سئلن کي ٻڌو آه?? ۽ ??نهن جي جائز ضرورتن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين جيلن ۾ بيت الخلا جي حالت انتهائي خراب آهي، بيت الخلا ۽ انهن جي صفائي کي برقرار رکڻ حڪومت ۽ ??يل انتظاميه تي فرض آهي. گندگي سان بيماريون پکڙجنديون آهن. هن چيو ته ڪچرو کڻڻ لاءِ ٻيهر بهترين نظام فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن آئون ??يل ۾ قيد هئس ته بيل گاڏي ذريعي ڪچرو کنيو ويندو هو جنهن سان گندگي پکڙجندي هئي، قيدين جي ??هنجڻ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ جو نظام فوري ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بيمار?? ۽ ??حت انساني زندگي سان جڙيل آهي، لاهور جي ??ن جيلن ۾ 8 هزار قيدي آهن، انهن جي علاج معالعج جو نظام خراب آهي، انهن جي ??يسٽ جو ڪو به نظام ناهي. قيدي ??يل ۾ مري وي??دا آهن، انهن کي سزا قانون ۽ انصاف جو فيصلو آهي پر انهن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري آهن، قرآن پاڪ ۾ به قيدين جي حقن جي حوالي سان واضح حڪم آهي، قيدين لاءِ خصوصي اسپتال هجڻ گهرجي جنهن ۾ رشوت ۽ سفارش کانسواءِ انهن جو علاج ڪري سگهجي. وزيراعظم آءِ جي ??يل کات?? ۽ ??ءِ جي ??نجاب کي خصوصي هدايتون ڪيون ته هو قيدين جي ??لاح ۽ بهبود ۽ سهولتن جي ??راهمي لاءِ جامع منصوبو ۽ حڪمت عملي هڪ هفتي ۾ ترتيب ڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قيدي وڪيلن جي ??يس ادا نٿا ڪري سگهن ته انهن کان علاج جو خرچو وٺڻ ڪٿان جو انصاف آهي، عام قيدين لاءِ لاهور ۾ پهرين پائليٽ منصوبي طور اسپتال قائم ڪيو ويندو ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ ان جو دائرو وڌايو ويندو، بيمار قيدين جي ??ناسب علاج ۽ دوائن جي ??راهمي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته ??يل ۾ قيدين جي ضمانت ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ مالي امداد جي ??نتظر قيدين جي امداد جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته جيلن ۾ قيدين کي پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو معاشري جا باوقار شهري بڻجي سگهن ۽ ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪجهه قيدين کي 70 سالن جي سزا ٿي آهي، پر عمر قيد جي سزا 25 کان 30 سال هوندي آهي، 30 سالن کان وڌيڪ سزا ڪٽيندڙن کي رعايت ملڻ گهرجي، لوئر ڪورٽس ۽ اعليٰ عدليه کي گذارش آهي ته اهڙن ڪيترن ڪيسن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، پاڻمرادو نوٽيس عوامي مفاد جي ??عاملي تي ورتو ويندو آهي، هزارين قيدين جي ??انوني موجب فوري آزادي ٿي سگهي ٿي، قوم مون کان پڇي ٿي ته ان تي ڪيترائي پاڻمرادو نوٽيس ورتا ويا، اهڙا قيدي جن وٽ وڪيلن جي ??يس ۽ ڏنڊ ادا ڪرڻ جا پئسا ناهن انهن جي آزادي لاءِ جڊيشل آفيسر ۽ حڪومت مدد ڪن. عيد تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري قيدين کي آزاد ڪيو ويو. وزيراعظم پوري پاڪستاني قوم کي عيدالفطر جو مبارڪون ڏنيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي. هن چيو ته اسان اجتماعي دانشمندي ۽ متحد ٿي ملڪ کي انهن مسئلن مان ڪڍي سگهون ٿا. اسان کي ذاتي مفادن کان مٿ??نهون ٿي ڪري ملڪي مفادن لاءِ اٿڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي هن علامه محمد اقبال جو اهو شعر ٻڌايو ته ”فرد قائم ربط ملت سي تنها ڪڇ، موج هي دريا ۾ اور بيرون دريا ڪڇ نهين“ اسان کي به قوم جي ??ر فرد ۾ لڳاءُ پيدا ڪرڻو پوندو.