اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? گادي واري شهر سرينگر ۾ 22 کان 24 مئي تي جي 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جو اجلاس منعقد ڪرڻ جي ڀارت جي فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نوجوانن جي معاملن تي ??ڪ مشاورتي ??ورم (وائي 20) جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن ٻين اجلاسن جو ليهه ۽ سرينگر ۾ شيڊيول پڻ ايترو ئي پريشان ڪندڙ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت جو غيرذميواراڻو قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن جي کليل خلاف ورزي آهي ۽ اها ڀارت پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي ??نهنجي غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي تازي قدمن جي ڪڙي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان انهن قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو، اهڙي طرح جا قدم ڄمون ۽ ڪشمير ج?? حقيقت کي لڪائي نه ٿا سگهن جيڪو هڪ عالمي سطح تي ??ڃيل تڪرار آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان موجود آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته نه ئي اهڙي طرح جون سرگرميون والاريل علائقي جي آبادياتي ساخت کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوششن سميت ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? ماڻهن تي ڀارت جي وحشياڻي ڏاڍ سان عالمي برادري جو ڌيان هٽائي سگهن ٿيون. بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني طور تي ??بضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 ايونٽس جي ميزباني ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي سان ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ اهم عالمي گروپ جي پنهنجي ميمبرشپ جو فائدو کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي ??ڌائي سگهجي. بيان موجب هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جنهن جو پنهنجي بابت ۽ دنيا ۾ پنهنجي مقام بابت شاندار نظريو آهي، ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو عالمي برادري جي ذميوار ميمبر طور ڪم ڪرڻ کان قاصر آهي.