اسلام آباد-10 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? راجا پرويز اشرف چي?? آهي ته 10 اپريل 1973ع پاڪستان جي سي??سي تاريخ جو نه وسارڻ جهڙو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي پارلياماني، وفاقي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين سان نوازيو ويو، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جمهوري، وفاقي، اسلامي ۽ اتفاق راءِ تي ٻڌل آئين جي حقيقي روح جي لاڳو سان جڙيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سي??سي پختگي ۽ دانشمندي کي تسليم ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن جي سي??سي دانش ان قوم کي 1973ع جي متفقه آئين سان نوازيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي آئيني يادگار جو پيڙهه جو پٿر، شهيدن جي يادگار تي حاضري ۽ پارليامينٽ هائوس ۾ آئين جي تاريخ جي حوالي سان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? راجا پرويز اشرف چيو ته اتفاق راءِ تي ٻڌل 1973ع جي آئين جي منظوري پاڪستان جي سي??سي تاريخ جو همشه لاءِ ياد رکڻ جهڙو لمح?? آهي. هن چيو ته آئين ۾ بيان ڪيل اصول اسلامي، وفاقي، جمهوري ۽ پارلياماني پاڪستان جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ هي اهي ئي اصول هئا جن جو خاڪو قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبلي کي پنهنجي پهرئين خطاب ۾ ڪيو هو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته هي سندس سي??سي پختگي ۽ دانشمندي هئي جنهن قوم کي اهو مقدس دستاويز عطا ڪيو. هن چيو ته آئين قومي اتحاد ۽ سي??سي اتفاق راءِ جو منفرد نمون?? آهي جنهن تي عمل ڪري ئي ملڪ کي سي??سي ، معاشي ۽ سماجي چئلينجز مان ڪڍي سگهجي ٿو. هن آئين جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته 10 اپريل کي 14 آگسٽ وانگر قومي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي آئيني يادگار جي تعمير هڪ انتهائي اهم ۽ مثبت قدم آهي. هن آئين جي يادگار جي تعمير لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ سندس پوري ڪميٽي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته شاهراهه دستور تي ڊي چوڪ تي تعمير ٿيندڙ يادگار سان گڏ ”باغ دستور“ پڻ تعمير ڪيو ويندو. ان باغ جي تعمير سان نه رڳو شهرين کي هڪ خوبصورت تفريحي مقام ميسر ايندو پر اسلام آباد جي رهواسين لاءِ يادگار دستور جي سي?? جو جواز به فراهم ٿيندو. هن چيو ته آئين جي يادگار جي تعمير سان نوجوان نسل ۾ شعور اجاگر ٿيندو. هن چيو ته هي يادگار شاندار تاريخ ۽ انهن سي??سي اڪابرن جي عڪاسي ڪندي جن جي محنت ۽ سي??سي بصيرت پاڪستان کي آئين سان نوازيو هن چيو ته هي واحد دستاويز آهي جيڪا وفاقيت، بامعنيٰ جمهوريت، اسلامي تشخص، انفرادي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? راجا پرويز اشرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن سان گڏ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ گمنام هيروز جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ يادگاري ٽپال ٽڪيٽ، آئين ساز جي هر لمحي جي عڪاسي ڪندڙ تصويري نمائش، آئين جي اصل رسم الخط جي نمائش ۽ گولڊن جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڪتابن جي نمائش جو پڻ افتتاح ڪيو.