اسلام آبا?? – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عوام سان يڪ??هتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوا?? سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم?? سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙ?? سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوا?? سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.