ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي وف?? سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وف??قي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وف??قي وزير خواجه محمد آصف، هوابازي واري وف??قي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ واري وف??قي وزير سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وف?? ۾ ابوظهبي ڊي??لپ??ينٽ هولڊنگ ڪمپني (اي ڊي ڪيو) جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد حسن السويدي ۽ انٽرنيشنل هولڊنگز ڪمپني (آءِ ايڇ سي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد بصر شعيب ۽ ٻيا شامل هئا. وف?? سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جي حڪومت سيڙپڪارن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران وف?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وف?? کي خوراڪ ۽ زراعت، هوابازي، بجلي، متبادل توانائي بشمول شمسي توانائي، مالياتي خدمتن، صحت جي سارسنڀال، صنعت، لاجسٽڪس، ريئل اسٽيٽ جي شعبن ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ صلاحيتن تي بريفنگ ڏني وئي. محمد حسن السويدي اي ڊي ڪيو جي عالمي ??وجودگي کي وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان دلچسپي ظاهر ڪئي. اي ڊي ڪيو وچ اوڀر جي خطي جي سڀ کان وڏي هولڊنگ ڪمپنين مان هڪ آهي جنهن وٽ ابوظهبي جي نان آئل معيشت جي اهم شعبن جو احاطو ڪندڙ ڪاروباري ادارن جي متنوع پورٽ فوليو آهي.