لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??عذور ماڻهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهي معاشري جا برابر، پيداواري ۽ فعال شهري بڻجي سگهن. گورنر هائوس ۾ معذور ماڻهن سان هڪ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي هن چيو ته معذور ماڻهن سان روين ۾ تبديلي انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ خاتون اول بيگمه ثمينه عارف علوي ??ڻ شرڪت ڪئي. سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، صحت، سماجي ڀلائي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن سميت مختلف صوبائي کاتن جي انتظامي سيڪريٽرين، معذور ماڻهن جي وڏي انگ، مختلف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين انٽر ايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري ۾ انهن جي قبو??يت کي وڌ??ئڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ، منفي ۽ دقيانوسي تصورن ۽ سماجي منع کي ختم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو خاص ڪردار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ??عذور ماڻهن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شمو??يت کي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مرڪزي ڌارا جي ادارن ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته ٻڌڻ، ڏسڻ، جسماني ۽ ذهني معذوري وارن ماڻهن کي باقاعده اسڪولن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي شرط اهو آهي ته انهن کي صحيح مددگار ٽيڪنالاجي فراهم ۽ انهن جي استادن کي مناسب تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي معذور ماڻهن ب??بت رويو تبديل ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ تيزي سان سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان مختلف سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت جي لحاظ سان پٺتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن کي سرڪاري ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻ، معذور ماڻهن کي جن جي معتدل ۽ شديد قسم جي معذوري آهي انهن کي به مختلف نوڪرين ۾ انهن جي قاب??يت ۽ مهارت موجب جڳهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ معذور ماڻهن جي تعداد بابت صحيح انگن اکرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مختلف اندازن موجب اهي اسان جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي آبادي جي ان وڏي حصي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي ڀرپور صلاحيتن موجب وڌ??ئڻ جي لاءِ مناسب ڪوششون ڪرڻ گهرجن.