اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) حڪومت جي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن آئيني مقررين جي حوالي سان وزيراعظم ??هباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪندي ان کي فيصلي جو اختيار ڏئي ڇڏي?? آهي. وزيراعظم ??هباز شريف جي صدارت ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اتحادي پارٽين جي مشاورتي اجلاس ۾ پارٽي سربراهن ۽ اڳواڻن وزيراعظم ??هباز شريف جي ڀرپور حمايت ڪئي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي عزت ۽ عهدي سان نوازي?? آهي، الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا، اهو توهان جو آئيني حق آهي ۽ اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم ??يڪو به فيصلو ڪندو، جي يو آءِ (ف) اُن سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان جي تائيد ڪري ٿي. بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ خالد مگسي چيو ته توهان جيڪو فيصلو ڪريو، اسان توهان سان ڄمي بيٺل آهيون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ميان صاحب، اسان هر فيصلي ۾ توهان سان گڏ بيٺل آهيون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته توهان تي مڪم?? اعتماد آهي، توهان جو آئيني حق آهي، توهان اسان سان مشاورت ڪئي، توهان جا ٿورائتا آهيُون. اسلم ڀوتاڻي چيو ته آئين تحت فيصلو توهان کي ڪرڻ?? آهي، اسان توهان جي فيصلي جي تائيد ڪريون ٿا. محسن داوڙ چيو ته اهم مقررين جو اختيار توهان وٽ آهي ۽ توهان ئي ان جا مجاز آهيو، اسان توهان سان گڏ آهيون. آفتاب شيرپائو چيو ته اختيار توهان ج?? آهي، توهان اسان تي اعتماد ڪيو، اسان توهان تي مڪم?? اعتماد ڪريون ٿا. شاهزين بگٽي چيو ته آئين توهان کي ذميواري ڏني آهي، اسان توهان جي فيصلن جي تائيد ۽ حمايت ڪريون ٿا، مشاورت ڪرڻ توهان جي جمهوري سوچ جو مظهر آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته سمورين پارٽين جو وزيراعظم ??هباز شريف تي مڪم?? اعتماد اسان جي لاءِ فخر جوڳ?? آهي.