اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏ??ل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي ره??ا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي ??ربراهي ڪميٽي جو وائيس چيئرمين تان گوفو ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گڏ??ل لاڳاپا هر دور ۾ انتهائي قابل اعتبار ۽ مثالي ره??ا آهن. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو جي وفد جي ??جيان ڪئي ۽ پنهنجي گذريل چين جي ??وري دوران ڪمپني جي ??در سان ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم ڪمپني جي وائيس چيئرمين تان گوفو پاران پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي ??زم کي ساراهيو. وزيراعظم چائنا ڪنسٽرڪشن ٿرڊ انجنيئرنگ بيورو کي پاڪستان ۾ قابل تجديد خاص طور تي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري جي ??عوت ڏني. وزيراعظم ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي لاءِ مختلف شيون عطيو ڪرڻ تي ڪمپني جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.