اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پهرين ۽ ٻه نومبر تي چين جو دورو ڪندو. وزير??عظ?? کي ان دوري جي دعوت عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزير??عظ?? لي ڪي چيانگ ڏني آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ سال اپريل ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جو چين جو پهريون دورو هوندو. وزير??عظ?? 16 سيپٽمبر 2022ع تي ازبڪستان ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي هئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخي ويهين نيشنل ڪانگريس جي اجلاس کانپوءِ وزير??عظ?? چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. بيان موجب وزير??عظ?? جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ قيادت جي سط?? جي دورن جي تسلسل جو اظهار آهي. وزير??عظ?? چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزير??عظ?? لي ڪي چيانگ سان وفدن جي سط?? تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي دوري دوران ڌريون گڏيل اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري جو جائزو وٺنديون ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان دوري ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون متوقع آهن. جڏهن ته وسيع پئماني تي ٻ??رف?? تعاون جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۽ سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي جي 27 آڪٽوبر تي ٿيندڙ 11 هين اجلاس جي ڏس ۾ سي پيڪ منصوبي تي تعاون جي رفتار کي مستحڪم بڻائڻ جي به اميد آهي.