راولپنڊي – 30 آگسٽ ( اي ??ي پي) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سوات پهچي ويو، آرمي چيف اتي ڦاٿل سياحن، مقامي ماڻهن سان ملاقات ڪندو، جيڪي ڪ??راٽ ۽ ڪالام ۾ ش??يد برساتن ۽ اوچتو آيل ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارڙن، پر??يهين ۽ ٻين متاثرن کي پاڪ فوج جي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽرن ذريعي ڪانجو ڪينٽ سوات منتقل ڪيو پيو وڃي. انهن متاثرن کي ضروري انتظامي ۽ طبي امداد جي فراهمي بعد کين اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ ۾ مدد ڪئي پئي وڃي.