اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته يتيم ٻارن جي مٿان شفقت جو هٿ رکڻ اهم ذميواري ۽ خدمت آه??، حڪومت سوئيٽ هومز جي ٻارن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت جو فرض کڻي زمرد خان ۽ ان جا ساٿي هڪ عظيم ڪم ڪري رهيا آه??، وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن جي لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم آزادي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي پاڪستان سوئيٽ هومز جو دورو ڪيو ۽ جشن آزادي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سوئيٽ هومز جي ٻارن پاران وزيراعظم جي اچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. سوئيٽ هومز جي خاڪي ورديءَ پهريل ٻارن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ وزيراعظم کي سلامي ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سرپرست اعليٰ پاڪستان سوئيٽ هومز زمرد خان، وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، حنيف عباسي، انجم عقيل، چوڌري ياسين پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ پوري قوم آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهي آه?? ۽ اها آزادي جي ڏهاڙي جي 75 هين سالگرهه آه?? جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني ملهائي رهيا آه??، پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ قوم جي پياري ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آه??، اهو صدقه جاريه آه??، زمرد خان ۽ سندس ساٿين اها عظيم ذميواري سنڀالي آه??. اهڙا ٻار جيڪي والدين جي ڇانوَ کان محروم آه?? انهن جي مٿان شفقت جو هٿ رکندڙ دين ۽ دنيا ٻئي ڪمائي رهيا آه??، ان جو الله انهن کي اجر ڏيندو، اهي هڪ قومي خدمت جو فرض سرانجام ڏئي رهيا آه??. سوين بي سهارا ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيا آه??، انهن جي لاءِ مفت تعليم، رهائش ۽ کاڌي جو اهتمام ڪيو ويو آه??. انهن کي جديد علوم سان آراسته ڪري رهيا آه?? ان کان وڏي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اهي ٻار جن کان انهن بابت هينئر معلوم ڪيو، انهن جا والدين فوت ٿي چڪا اهن ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ ڪافي معآشي مشڪلاتون آه??، زمرد خان کي اهي پنهنجو پاپا جاني چوندا آه??، هي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پيءُ ۽ استاد جو رول ادا ڪري رهيو آه?? ۽ انهن جي مٿان هٿ رکي رهيو آه??، ان کان وڏي ڪا انساني خدمت نه ٿي ٿي سگهي. هن زمرد خان کي م??ار??باد ڏيندي چيو ته قران ڪريم ۾ يتيمن سان شفقت سان پيش اچڻ جو حڪم آه?? ۽ انهن جي مال ۾ ذرو به ملاوٽ نه هجڻ ڏيڻ جو حڪم آه??، ٻاروتڻ ۾ انهن جي مال جي حفاظت ۽ وڏي ٿيڻ تي انهن جي اها امانت انهن جي حوالي ڪرڻ جو حڪم آه??. هن چيو ته قرآن ڪريم ۾ جڳهه جڳهه تي يتيمن بابت رحمدلي جو حڪم آيو آه??. سوئيٽ هومز ۾ ان جي عملي تصوير ڏٺي آه??. هن چيو ته انهن يتيم ٻارن سان هي جشن آزادي ملهائي رهيا آه??ون جيڪي سڄي ملڪ مان هڪ گلدستي جي شڪل ۾ هتي موجود آه??. هن چيو ته ٻارن جشن آزادي جي حوالي سان جذباتي ۽ شاندار تقريرون ڪيون آه??، ان تي انهن جي استادن کي به خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريون ٿا. جيڪي استاد انهن کي تعليم ڏئي رهيا آه?? انهن جي قابليت ۽ محنت جي جهلڪ انهن ٻارن جي تقريرن ۾ نظر آئي. الله پاڪ انهن ٻارن کي وڏو عظيم پاڪستاني بڻائي، توهان پاڪستان جا عظيم فرزند ۽ ڌيئرون آه??و. هن زمرد خان کي دعوت ڏني ته هو ٻڌائي ته حڪومت سندس ڪهڙي خدمت ڪري سگهي ٿي. ان جي جائز ضرورتن ۾ پاڪستان حڪومت ان جو پوري طرح ساٿ ڏيندي، انهن ٻارن کي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ هر وقت حاضر آه??ون. زمرد خان پاران ٻارن جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو مسئلو اٿارڻ تي وزيراعظم سوئيٽ هومز جي ٻارن لاءِ بسن جو تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان عظيم درسگاهه کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جيڪا خدمت گهربل هوندي ڪنداسين. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ قائداعظم زندهه آباد جا نعرا پن لڳرايا. جنهن جو ٻارن ڀرپور جواب ڏنو. هن ان موقعي تي ٻارن سان گڏ جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن ٻارن کي ڪيڪ به کارايو. وزيراعظم ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.