اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين ??رساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررو??ين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٻه بند ٽٽ?? ۽ نقصان جي مڪمل ڪاٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين ??ي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين ??ي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پيتي جي شين ??و فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.