اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 11 آگسٽ 2022ع تي اقليتن جي ??هاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 11 آگسٽ کي پاڪستان ۾ اقليتن جي ??هاڙي ??ور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن پاڪستان جي ترقي ۾ اسان جي اقليتن جي اڻٿڪ حصيداري جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ قوم جي حيثيت سان انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 1948ع ۾ ڪيل ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته هن عظيم قوم جي هر ماڻهو کي ان جي مذهب، عقيدي کان مٿانهون ٿي برابر حق ۽ آزادي حاصل هوندي. اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ اقليتون زندگي جي هر شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ پاڪستان ۾ انهن جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي حق جو تحفظ ڪيو آهي، انهن جا حق اسان جي آئين ۾ موجود آهن، اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ تي به زور ڏنو آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي سهولت ??اءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ انهن جي نمائندگي آهي، ان کانسواءِ انهن کي سڀني سرڪاري خدمتن ۾ نوڪرين جي ??وٽا به مخصوص ڪئي وئي آهي. اهڙي ??رح ملڪ جي خدمت جو تعين ڪري ٿي ته هو پنهنجي پاليسين تي سماجي ۽ اقتصادي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ قوم جي سڀني برادرين جي لاءِ برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي تقويت ڏي. صدر خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ??لائي جي شعبن ۾ اقليتن جي ??ردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان بنيادي حقن ۽ پاليسي جي اصولن ذريعي آئين ۾ ڏنل پنهنجي ذميوارين تي ق??ئم آهي. هن چيو ته حقيقت ۾ پاڪستان ۾ اقليتون اسان جي سماجي ۽ قومي ڍانچي جو هڪ مضبوط حصو آهن ۽ ان ڏينهن ۾ سڀني اقليتي برادرين کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪومت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ??لائي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. صدر چيو ته مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ پاڻ ۾ محبت، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي جذبي کي فروغ ڏيڻ اسان جي ??ڏيل ذميواري آهي.