اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ ??شم??ر ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته پاڪستان ??شم??رين جي آزادي جي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو ڀارت پاران والاريل ??شم??ر جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي قدمن کي 3 سال مڪمل ٿيڻ تي جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس ک??ن ڊي چوڪ تائين نڪتل ريلي کي خطاب ڪري رهيا هئا. دفاع واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ??شم??ر جو پاڪستان سان رشتو ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي. اسان هڪ قوم جي حيثيت سان ان عزم جو ورجاءُ ۽ تجديد ڪرڻ چاهيون ٿا ته ??شم??ر سان اسان جو عزم لازوال آهي، ان ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه ايندي، ??شم??ر ڪڏهن ان ۾ گهٽتائي نه ڏسندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اڄ مظاهرا ٿي رهيا آهن پر اهو ڪافي نه آهي، ??شم??ر جو مسئلو 75 سالن کان هڪ زخم آهي ۽ ان زخم تي مرهم رکڻ پاڪستاني عوام جو عزم آهي، رڳو مخصوص ڏينهن ۾ احتجاج تائين محدود ناهي رهڻو، پاڪستان جي عوام ان ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ??شم??ر ڪاز جي لاءِ اسان جي فوج جنگيون وڙهيون، هو ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل او سي تي پهرا ڏئي رهيا آهن، انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستانين کي ??شم??رين سان وابستگي کي بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي ??شم??ر ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته هي ريلي ڪڌا ڏينهن ملهائڻ جي لاءِ جيڪي 70 سالا تي ٻڌل آهي پر ??شم??رين جو جذبو هر حربي جي باوجود گهٽ ناهي ٿيو، جيڪي قومون اهو جذبو رکنديون آهن انهن کي دٻائي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته ??شم??رين جو حوصلو ٽوڙڻ ۾ ناڪامي تي 5 آگسٽ 2019ع تي ??شم??ر جي آئيني ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪري ان جي ڊيموگرافي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان ۾ هر حڪومت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي. هن وقت هن ڪيس کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ عالمي فورمن تي اٿارڻ ۽ پنهنجي نوجوان نسل کي ان تڪرار بابت آگاهي جي ضرورت آهي. اسان کي عالمي دنيا کي وڌيڪ جهنجوڙڻ ۽ بار بار اهو ڪيس پيش ڪرڻو آهي. حڪومت، ميڊيا، پرڏيهي وزارت کي ان ڪيس کي جارحاڻي انداز ۾ اٿارڻو آهي، ڀارت ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ??شم??رين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??شم??رين جي آزادي جي جدوجهد تائين پاڪستان جي حمايت جاري رهندي. ان جذبي کي جاري ۽ ساري رکڻو آهي. پنهنجي نوجوان نسل کي ان مسئلي ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت کان آگاهه ڪرڻو آهي. اها پڄاڻي پاڪستان جي جدوجهد آهي. ان موقعي تي حريت قيادت، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود پڻ موجود هو.