ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪش??ير ڪميٽي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪستان جرنلسٽس فورم سعودي ??رب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪش??يرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي. ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي ??رب ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. سعودي ??رب جي شهر جده مان ڪش??ير استحصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪش??ير??ن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪش??ير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ۾ به مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت پاران والاريل ڪش??ير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿاريو وڃي. هن چيو ته اسان جي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ تر??ن سلوڪ رکيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گ??يراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته اسان جو ڪش??ير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪش??يرين کي ظلمن کان فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪش??ير جي معصوم ماڻهن جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف حسين ان اميد جو به اظهار ڪيو ته اسان جا ڪش??يري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪش??ير پاڪستان نه ٿو بڻجي وڃي.