اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) يوڪرين جي لاءِ امد??دي سامان جي ٻي کيپ جي روانگي جي لاءِ نور خان ايئربيس راولپنڊي تي سرڪاري تقريب منعقد ڪئي وئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئن??جم??نٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران جاري بيان موجب امد??دي سامان ۾ ضروري دوائون، ڪمبل ۽ راشن شامل آهي، اهو سامان پاڪستان ايئر فورس جي ٻن سي – 130 جهازن جي ذريعي پولينڊ رستي يوڪرين پهچندو. تقريب دوران پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر امد??دي سامان يوڪرين جي سفير مرڪيان چوچڪ جي حوالي ڪيو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي کانسواءِ پر??يه?? وزارت ۽ يوڪرين سفارتخاني جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزي حنا رباني کر چيو ته پاڪستان يوڪرين سان گذريل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏس?? ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڳ ۾ به امد??دي سامان فراهم ڪري چڪي آهي. يوڪرين ۾ جاري جنگ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي معاملا حل ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي سفير مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يوڪرين جي عوام جي لاءِ امداد موڪلڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. سفير جو چوڻ هو ته يوڪرين حقيقي معنيٰ ۾ ان مدد کي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران خيرسگالي ۽ همدردي جي جذبي جو اظهار سمجه?? ٿو. يوڪرين جي لاءِ امد??دي کيپ پولينڊ جي گ??دي واري شهر دارسا جي رستي موڪلي ويندي. سامان جي پهرين کيپ 15 مارچ 2022ع تي موڪلي وئي هئي.