اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيند?? پاڪ فوج جي جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان ۾ 23 مئي جي حملي ۾ شهيد ٿيند?? پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ساڻن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر سپاهي رحيم گل ۽ سپاهي ظهور جي وارثن سان ٽليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 19 مئي تي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد سنور جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر پاڪ فوج جي شهيدن کي وطن تي جا?? نڇاور ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪ??و. ڊاڪ??ر عارف علوي شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.