اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل ع??ب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شاهي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وزيراعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل ع??ب امارات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل ع??ب امارات جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظ??ار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل ع??ب امارات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل ع??ب امارات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظ??ار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو ??هي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.