اسلام آباد – 04 R11; مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو آهي ت?? اڳوڻي حڪومت آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني، عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ٽيليفونڪ رابطي ت?? خيالن جي ڏي وٺ دوران ڪيو. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عيد جي ??وشين ۾ اسان کي مستحق ماڻهن جو خاص خيال رکڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ملڪ ۽ قوم جي ??رقي لاءِ پارليامينٽ جو وقار بلند ڪرڻو آهي، اڳوڻن حڪمرانن آئين ٽوڙيو، پارليامينٽ کان وڌيڪ ايوان صدر کي اهميت ڏني. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر چيو ته عوامي اهميت رکندڙ سمورن ايشوز تي پارليامينٽ ۾ بحث ڪرايو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عوام جو پارليامينٽ تي اعتماد بحال ڪرڻ اسان جي ??ولين ترجيح آهي.