اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي پنج سالا حڪومتي دور ۾ ملڪ مان بدتر??ن لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت نه ته وقت سر ٻارڻ خريد ڪيو ۽ نه ئي پاور پلانٽس جي مرمت ڪرائي، موجوده لوڊشيڊنگ انهي ڪري ئي آهي. ناڪاره پ??ور پلانٽس جي ذريعي مهانگي بجلي پيدا ڪرڻ سان عو??م تي ماهوار 100 ارب روپين جو بار پئجي رهيو آهي. اسان ان صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون.