اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پ??لي?? جي خاتمي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي مهم هلائڻ ۽ خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن خاص ط??ر اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت ملڪ جي حساس ضلعن ۾ پ??لي?? جي خاتمي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي چيف سيڪريٽريز، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنرز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پ??لي?? جي خاتمي واري مهم کي سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي هنگامي بنيادن تي هلائين ته جيئن ملڪ مان ان ناسور کي سدائين لاءِ ختم ڪري سگهجي. هن ان سلسلي ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا جي ضلعن خاص طور تي اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ بنون تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم انهن ٻارن جي ويڪسينيشن کي ي??يني بڻائڻ جي هدايت ڪئي جنهن کي ڪنهن سبب جي ڪري اڄ تائين ويڪسين نه لڳائي سگهي، هن عوام کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي ي??يني بڻائن جي به هدايت ڪئي ته جيئن پ??لي?? جي ڦهلاءُ کي سختي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم پ??لي?? جي پکيڙ کي روڪڻ لا??ِ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنرز کي پاڪستان جي قومي ڏينهن تي قومي هيروز طور پذيرائي ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.