اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇ??يو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇ??ينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته ??وه??ن کي اين آر او نه ملندو، مينار پاڪستان تي عمران خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن چي?? ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ جي دعوت جي تمنا منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇ??يو ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳايو ته پاڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿ?? وئي ۽ قوم عمران خان کي چئي ڇ??يو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عمران جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عمران خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته اهي عمران خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇ??يو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇ??يندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان ??وه??ن کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير چي?? ته وزيراعظم عمران خان چي?? هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن چي?? ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ ??وه??ن جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇ??يان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير چي?? ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇ??يو ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون ??وه??ن کي ڏئي ڇ??ي آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته ??وه??ن عمران جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن چي?? ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پاڪستان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عمران اسان توسان گڏ آهيون. هن چي?? ته قوم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.