اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? آهي ته پاڪست??ن ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ?? ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪست??ن ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چي?? ته پاڪست??ن ازبڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ?? ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چي?? ته پاڪست??ن ازبڪستان سان ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪستان وچ ايشيائي ملڪن جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ معيشت، دفاع، ثقافت، تعليم، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.