راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) ??وج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري تازي ترين اپ ڊيٽ?? موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لن?? روڊ تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون م??مل طور تي فعال آهن جڏهن ته فوجي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپنڊي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.