اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته م??لياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنانس بل ايندا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته اس??ن بل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي ??اري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ ايم ايف جي چئن پروگرامن لاءِ وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان وڏو پروگرام آءِ ايم ايف کان ورتو، هن چيو ته م??الف ڌر ??هتر طريقي سان ڄاڻي ??ي ته هو معيشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اس??اق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڇڏي ويا جنهن مان قرض جي قسط ادا نه پئي ٿي سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته م??الف ڌر ??سان کي مشورا ڏيندي هئي ته حڪومت ايتري دير سان آءِ ايم ايف وٽ ڇو وئي، کين تمام گهڻو پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهربو هو، فرخ حبيب چيو ته م??الف ڌر ڄاڻي ??ي ته هو پنهنجي دورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. مملڪتي وزير چيو ته اس??اق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ادائيگي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. هن چيو ته اڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ته دليل سان ڳالهه ڪري ها پر هنن ايوان ۾ بدتميزي جو طوفان آندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف ايوان مان گم رهيا، انهن جي ڪوشش هئي ته اس??ن قانونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، هن چيو ته م??اشي حالتن جي باوجود وزيراعظم عمران خان ۽ ناڻي ??اري وزارت ڪوشش ڪئي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون به توهان جي سامهون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته م??الف ڌر ??ند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو وقت ايندو آهي ته اهي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر ??يوان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻائي رکيو، اس??ن سمجهون ٿا ته ايوان ۾ اڄ قيادت کانسواءِ مخالف ڌر هئي.