اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان واحد اڳواڻ آهي جنهن جو سڄي ملڪ ۾ ووٽ بئنڪ آهي، پاڪستان تح??يڪ انصاف کا??سو??ءِ ڪا سياسي پارٽي 1100 سيٽن تي پنهنجا اميدوار نه بيهاري سگهي، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ۽ پي پي پي جي وچ ۾مقابلو ٿيندو، باقي صرف مهمان اداڪار جي طور تي ايندا انهن جي ڪا به حيثيت نه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ”سياسي منظرنامو“ جي حوالي ??ان ٽوئيٽر اسپيس تي ٽوئيٽر صارفين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٽوئيٽر صارفين جي سوالن جا جواب ڏيندي پروگرام جي آغاز ۾ هن پنهنجي سياسي زندگي جي حوالي کان به آگاهه ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته پاناما ڪيس کانپوءِ سياست ۾ وڏي تبديلي آئي، ا??ان ن ليگ کي بي نقاب ڪيو، جڏهن به نواز شريف يا مريم نواز جو ڪيس هليو ته ان کان پهرين ڪو آڊيو يا وڊيو ٽيپ ليڪ ٿي ويندي آهي جنهن جو مقصد عدالتن تي دٻاءُ وجهڻ هوندو آهي، مريم نواز جي ڪيس جي آخري ٻڌڻي 17 ڀيرا ملتوي ٿي، اهڙي طرح نواز شريف ۽ زرداري جي ڪيسن ۾ به فيصلا نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ جو اهي ماڻهو پنهنجي ڪيسن جا فيصلا نه ٿيڻ ڏئي رهيا آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ ٽو پارٽي سسٽم ٽوڙيو، ن ليگ ۽ پي پي پي ٽيهن سالن تائين حڪومت ڪئي، انهن کي هٽائڻ مشڪل هو، مريم نواز ۽ نواز شريف سزا يافته آهن، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته فيڪ نيوز تي ايڪشن کڄڻ گهرجي، ان حوالي ??ان بل تيار ڪيو، ميڊيا جي احتجاج جي ڪري اهو بل التوا جو شڪار آهي، قانون کا??سو??ءِ مسئلا حل ناهن ٿيندا، فيڪ نيوز جو مسئلو ڪافي حد تائين وڌي چڪو آهي. افغانستان جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته ا??ان جي ڪوشش آهي ته افغانستان جي صورتحال بهتر ٿئي جيڪڏهن اتي صورتحال خراب ه??ندي آهي ته ا??ان جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي، 40 لک افغان شهري پهرين ئي هتي موجود آهن، ا??ان جي معيشت وڌيڪ بار نٿي برداشت ڪري سگهي. او آءِ سي ڪانفرنس ۾ افعانستان جي صورتحال غور هيٺ ايندي. اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي حوالي ??ان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ نادرا هڪ اپليڪيشن تيار ڪري رهي آهي، جنهن تح?? اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي تصديق ٿيندي، ان اپليڪيشن جي ذريعي هڪ ويري فڪيشن اي ميل صارف کي ويندي، جنهن ۾ ڪجهه سوال پڇيا ويندا ۽ تصديقي عمل مڪمل ڪيو ويندو، ان تي ڪم جاري آهي، ٽن مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي ويندو، اطلاعات واري وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي، ايندڙ پي ايس ايل سيريز کان پهرين پي ٽي وي اسپورٽس کي ڊجيٽل ڪيو ويندو. قومي خابرو ايجنسي (اي پي پي) کي رائيٽرز ۽ اي ايف پي وانگر ڊجيٽل نيوز ايجنسي ٺاهي، جلد پي ٽي وي فلم شروع ڪري رهيا آهيون، ان کا??سو??ءِ ريفارمز جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جيڪا اطلاعات واري وزارت ۾ آندي پئي وڃي، ٽويئٽر صارف عمران راجا جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته ميڊيا جا ڪجهه گروپس نٿا چاهين ته ميڊيا ريگوليشنز ٿين، ميڊيا گروپس کي لنڊن ۾ ڏنڊ وڌو وڃي ته اهي ادا ڪري ڇڏيندا آهن، ا??ان ڏنڊ ۽ ريگوليشنز آڻيون ته ميڊيا جا اهي گروپ احتجاج شروع ڪري ڇڏيندا آهن، هن چيو ته ريگوليشنز کا??سو??ءِ ملڪ اڳتي نٿو هلي سگهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي آفيسن جي حوالي ??ان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيس بڪ جي آفيس پاڪستان ۾ کولڻ جي حوالي ??ان ڳالهه ٿي ته هتي انهن جي خلاف ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن اهڙي طرح جا ڪيس داخل ٿيندا آهن ته هتي ماڻهو اچڻ کان گهٻرائيندا آهن. پاڪستان ۾ فيس بڪ ٽوئيٽر، يوٽيوب سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز لاءِ وڏو بزنس آهي، پر ان تي ڪو چيڪ آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ ايف بي آر کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪافي تيز ??ان وڌي رهي آهي، هن چيو ته نيويارڪ ٽائمز کي اسلام آباد واپس گهرايو، اي پي جي آفيس هتي موجود آهي، ڊي ڊبليو پنهنجون آفيسون ٻيهر کولڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي. ڪرپٽو ڪ??نس?? جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪرپٽو ڪ??نس?? ۾ لاها چاڙها تمام گهڻا آهن، صرف اعتبار جي بنياد تي ڏي وٺ نٿي ٿي سگهي، ڪرپٽو ڪ??نس?? جي ڪا به گارنٽي نه آهي، مستقبل ۾ دنيا ڊجيٽل ڪ??نس?? طرف ئي ويندي، برطانيه کان هڪ ٽوئيٽر صارف احمد جي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريٽنگ ايجنسيون ٽي وي چئنلز جي ريٽنگ ڪنديون آهن، ا??ان ڪيبل کي به ڊجيٽل ڪري رهيا آهيون، اهڙي طرح چئنلز کي ٽريڪ ڪري سگهبو ته ڪير ڇا ڏيکاري رهيو آهي. بلوچستان کان اسپورٽس جي رانديگر فاروق جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽيڪس جو پئسو گڏ ٿي هڪ فارمولي تح?? صوبن کي منتقل ٿيندو آهي، 700 ارب روپيا وفاقي حڪومت بلوچستان کي ان جي حصي کا??سو??ءِ ڏنا جڏهن ته 600 ارب روپيا ان جي حصي جا مليا اها رقم بلوچستان ۾ راندين، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي لاءِ ڏني وئي، ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ فيڊريشن جو عمل دخل صوبائي معاملن ۾ گهٽ آهي، بلوچستان جي رانديگرن کي پنهنجي وڏي وزير ۽ اسيمبلي جي ميمبرن کان سوال ڪرڻ گهرجي، هڪ ٽوئيٽر صارف شهربانو جي سوال تي هن چيو ته ا??ان کي ڪهڙا ڊراما تيار ڪرڻ گهرجن ۽ ڪهڙا نه، اهو هڪ وڏو اشو آهي، هر فيملي تي منحصر آهي ته هو ڪهڙي قسم جو مواد ڏسڻ چاهي ٿي، فيمليز کي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ڇا ڏسڻ چاهي ٿي ۽ ڇا نه. پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي ??ان هن چيو ته وزيراعظم واضح ڪيو هو ته بلدياتي چونڊون سڌو سنئون ٿينديون ۽ ان حوالي ??ان هڪ پاور فل ماڊل ڏنو آهي، ان نظام تح?? پهريون ڀيرو سياسي پارٽيون گراس روٽ ليول تي اچي سگهنديون. وليج ڪائونسلر ۽ نيبر هڊ ڪائونسلرز ۾ 13، 13 اميدوارن کي سياسي پارٽيون ٽڪيٽ ڏينديون. بلدياتي اليڪشن تعلقي سطح تي ڪرائڻ ??ان نظام بيورو ڪريسي جي ماتحت ٿي وڃي ها، ڀارت ??ان لاڳاپن جي حوالي ??ان هڪ سوال تي هن چيو ته ڀارت ??ان ڪي به لاڳاپا نه آهن، مودي جي هندوتوا نظريي جي ڪري سڄو خطو متاثر آهي، نريندر مودي شدت پسندي کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي تڪ 206 جي ضمني چونڊ جي حوالي ??ان سوال ۾ هن چيو ته ضمني چونڊ ۾ ٽي ايل پي جيترو خرچ ڪيو جيتري مهم هلائي ان جي مقابلي ۾ ان کي ووٽ گهٽ مليا، پيپلزپارٽي به 15 هزار ووٽ ورتا، پاڪستان ۾ سدائين ماڻهن شدت پسند پارٽين کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان واحد اڳواڻ آهي جنهن جو سڄي ملڪ ۾ ووٽ آهي، گوادر، خيبر، ڪراچي، سکر، ملتان سميت هر جاءِ تي هن جو ووٽ بئنڪ موجود آهي. پنجاب ۾ تح??يڪ انصاف ۽ ن ليگ جي وچ ۾ اصل مقابلو ٿيندو، اهڙي طرح سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ جو مقابلو ٿيندو، باقي مهمان اداڪار طور ايندا انهن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ميڊيا ۾ مثبت اسٽوري ناهي هلندي، جسٽس (ر) وجيهه الدين جهڙا ماڻهو نيوز چئنلز تي تماشا لڳائڻ يا ڊراما ڪرائڻ لاءِ ايندا آهن، انهن جي جاءِ ٽي وي چئنلز تي موجود هوندي آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته ڪورونا وبا کانپوءِ سڄي دنيا جون معيشتون تباهي جو شڪار آهن، پاڪستان به دنيا جو حصو آهي، گذريل 10 سالن کان نواز شريف ۽ زرداري جيڪي قرض ورتا اهي واپس ڪرڻ ??ان معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون، ا??ان ڪورونا وائرس وبا جو جهڙي طرح مقابلو ڪيو سڄي دنيا تعريف ڪئي. ڪورونا وائرس وبا جي باوجود ا??ان جي معيشت 5 سيڪڙو جي شرح ??ان ترقي ڪري رهي آهي، زرعي معيشت ۾ هن سال 400 ارب روپيا ويا آهن، مجموعي طور تي 1100 ارب روپيا زرعي شعبي ۾ منتقل ٿيا، پنج بمپر فصل ٿيا، هن چيو ته شهرن ۾ پگهادار طبقي لاءِ مسئلا آهن، پر هاري، مزدور ۽ ٻين شعبن ۾ صورتحال بهتر آهي. سوشل ميڊيا جي حوالي ??ان هن چيو ته 2 ڪروڙ ماڻهن وٽ موبائيل فون آهن، سمارٽ فون ۾ تيزي ??ان اضافو ٿي رهيو آهي، سمارٽ فون جو استعمال وڌندو ته سوشل ميڊيا جو عمل دخل به وڌندو، فارمل ميڊيا جا سڀ پروگرام سوشل ميڊيا ڏسي ڪري ٺهندا آهن، ا??ان کي پاڪستان جو اميج بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان آهي ته سياست هوندي، حقيقت جي ويجهو ترين رهڻ گهرجي، ٻڌل ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ عقلمندي نه آهي، ميڊيا يونيورسٽي جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته ميڊيا يونيورسٽي جي قيام لاءِ 2018ع ۾ ڪم شروع ڪيو، ان جو مقصد اهو هو ته ا??ان ميڊيا جي شعبي ۾ ماڻهن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي سگهون، هن چيو ته دنيا ۾ لائيٽس ۽ سائونڊز ۾ ماڻهن پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ا??ان وٽ پري پري تائين اهڙا ماڻهو ميسر نه آهن. ان شعبي ۾ ترقي لاءِ ا??ان ميڊيا يونيورسٽي جي قيام جو آئيڊيا ڏنو، ان ۾ برطانيه جي بورن موٿ يونيورسٽي به ا??ان ??ان گڏ سهڪار ڪري رهي آهي. ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ۾ اينيميشن وزيول ايپيڪس فلم سازي، ڪئميرا ورڪ جي باري ۾ تعليم ڏني ويندي، ڊي ٽي ايڇ جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته ڊي ٽي ايڇ لاءِ هڪ لائسنس جاري ٿي چڪو آهي، هاڻي ڪيبل ۽ آءِ پي ٽي وي جو دور آهي، ڊي ٽي ايڇ ۾ ڪا وڏي سيڙپڪاري متوقع نه آهي، ا??ان ڪيبل کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون، آءِ پي ٽي وي ان جي جاءِ وٺي ڇڏيندو.