اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ??نس??ني ۽ سماجي اقتصادي ت??قي جو هڪ اهم جز آهي، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ ۽ مدرسن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر لٽريسي سميت فني تعليم به ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس ??نس??ني ت??قي بابت قومي ڪميشن جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين صدر کي آگاهه ڪيو ته ڪميشن پرائمري تعليم تائين پهچ کي بهتر بڻائي رهي آهي، خواندگي جون مهارتون فراهم ڪري رهي?? آهيون ۽ ڪميونٽي جي شرڪت کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انت??ام?? صلاحيتن کي فروغ ڏئي رهي?? آهيون. هن چيو ته ڪميشن ٽن رخي حڪمت عملي يعني يونيورسل پرائمري ايجوڪيشن، ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام ۽ ايڊلٽ لٽريسي پروگرام اختيار ڪري خواندگي کي فروغ ڏئي رهي?? آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪميشن انهن ٻارن کي تعليم فراهم ڪري ديني تعليمي ادارن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي ڪڏهن اسڪ??ل ويا ئي نه ويا يا ڇڏي چڪا هئا. صدر ??نس??ني ت??قي کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن احساس پروگرام ۽ ??نس??ني ت??قي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) پاران مستحق خاندانن جي احساس وسيله تعليم پروگرام تحت ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ تعاون کي پڻ ساراهيو.