اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ا??غا??ستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، سرد موسم ۾ ا??غا??ستان جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ا??غا??ستان جي اندر انساني الميي جي صورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي اهڙو ميڪنزم جوڙيو وڃي جنهن سان ا??غا??ستان جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ا??غا??ستان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. اسان ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ا??غا??ستان کي فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ا??غا??ستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي آهي، ان قدم سان ا??غا??ستان جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف ا??غا??ستان جي انساني همدردي جي بنياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ??ه دنيا ا??غا??ستان جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، ا??غا??ستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ”دي اڪانومسٽ“ گ??ري?? مهيني پنهنجي رپورٽ ۾ ا??غا??ستان جي اندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ا??غا??ستان جي عوام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان سياست تي بعد ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر ا??غا??ستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ا??غا??ستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي حڪومت ا??غا??ستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو پرڏيهي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته سعودي عرب سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا قا??م آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي آيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شامل هو.