اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قومي معاملن ۽ آئين ۽ قانون جي ??الادستي جي لاءِ وڪيل برادري رهنمائي ڪري، بار ايسوسيئ??شن?? سياسي پارٽين کي وڏن سڌارن تي ويجهو آڻ?? ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ??ون?? سڌارن، نيب آرڊيننس سميت ٻي اهم قانونسازي ۾ وڪيل ۽ بار ايسوسيئيشن جي ڪردار جي ??جيان ڪنداسين، نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪرڻ بدران سڌارا تجويز ڪن، بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ وڪيل پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪردار کي قومي معاملن ۾ به اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ??ورٽ بار ايسوسيئيشن جي ??در احسن ڀون جي قيادت ۾ نئين ??ون??يل عهديدارن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ۾ قانون جي ??الادستي جي لاءِ وڪيل برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهڻ گهرجي، بار ايسوسيئ??شن?? کي عدليه ۾ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻ??يون پونديون. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشرو قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسان وڪيل برادري کي درپيش مسئلا حل ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وڪيل برادري جي ڀلائي اسان جي ??ولين ترجيح آهي، حڪومت ان ڏس ۾ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ??ورٽ بار ايسوسيئيشن جي ??هديدارن کي تازين ??ون??ن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي ??اطري ڪرائي.