اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري ??گهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي ميڊ??ڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ??يمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري ??گهجي ٿي، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊ??ڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊ??ڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر ويا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽيلي ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. صدر چيو ته ٽيلي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽيلي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري ??امهون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري ??گهجي ٿو، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪس جو غيرضروري ??ستعمال وڌي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊ??ڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت سان ميڊ??ڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آهي، ٽيلي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ??يمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري ??گهجي ٿي، غريب ماڻهو ٽيلي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري ??گهي ٿو، حاصل ڪيل ع??م کي پاڪستاني معاشري ??ي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آهي، جديد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊ??ڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.