اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آه?? ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، نوجوانن کي جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طيبه جي سنهري اصولن جي رو??ني ۾ ان جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آه??. وزيرا??ظم سان ڊاڪٽر صاحبزاده ساجد الرحمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري به موجود هو. وزيرا??ظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڀرپور مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو، ان موقعي تي نوجوان نسل کي مديني جي رياست ۽ سيرت طبيه جي رهنما اصولن کان روشناس ڪرائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جو بنياد عدل ۽ انصاف، معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي ۽ بهتري ۽ ميرٽ جي حڪمراني تي رکيو، پاڻ سڳورن ماڻهن جي ڪردار سازي تي خاص ڌيان ڏنو. وزيرا??ظم چيو ته اڄ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ نوجان نسل جنسي ڏوهن ۽ منشيات جهڙين براين کان بري طرح متاثر ٿي رهي آه??، نوجوانن کي ان اخلاقي براين کان بچائڻ لاءِ سيرت طبيه جي سنهري اصولن جي رو??ني ۾ انهن جي ڪردار سازي گهڻي ضروري آه??، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت رحمت اللعالمين اٿارٽي قائم ڪئي آه?? جنهن ۾ سيرت طيبه تي اعليٰ شهرت رکندڙ اسڪالرز نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ رهنمائي ڪندا، وزيرا??ظم چيو ته اها اٿارٽي تحقيق ڪري نوجوانن کي ٻڌائيندي ته اهي ڪهڙا عمل هئا جنهن جي ڪ??ي رڳو 13 سالن جي ٿوري عرصي ۾ (636-623) مسلمان قيصر ۽ ڪسري جي عظيم سلطنتن کي زير ڪري 150000 چورس ڪلوميٽر زمين تي حڪمراني ڪرڻ لڳا.