اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي 16 کان 17 سيپٽمبر تي تاجڪس??ان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به وزيراعظم عمران خان سان گڏ هوندو، وزيراعظم جو وچ ايشيا جو اهو ٽيون دورو هوندو، جنهن سان خطي جي ملڪن سان گڏ پاڪس??ان جي وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ شن??ها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان کان اڳ هن 13 ۽ 14 ج??ن 2019ع تي ڪرغز جمهوريه جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي سربراهي اجلاس ۽ 10 نومبر 2020ع تي وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي روس جي ميزباني ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. شن??ها??ي تعاون تنظيم هڪ 8 رڪني مستقل عالمي علائقائي تنظيم آهي جنهن کي 15 ج??ن 2001ع تي شن??ها??ي ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪس??ان 2005ع ۾ ايس سي او هو مبصر ۽ ج??ن 2017ع ۾ آستانه سربراهه اجلاس ۾ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻيو. روس، چين، ڀارت ازبڪستان، ڪازڪستان، جمهوريه ڪرغز ۽ تاجڪس??ان ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن، شن??ها??ي تعاون تنظيم ۾ ايران، مينگوليا، بيلاروس ۽ افعانس??ان مبصر جڏهن ته آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، نيپال، ترڪي ۽ سريلنڪا ڊائيلاگ پارٽنر جي حيثيت سان شامل آهن، وزيراعظم شن??ها??ي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ٻين شريڪ ميمبرن سان ٻه طرفي ملاقاتون به ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم تاجڪ صدر سان ملاقات ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو احاطو ڪندي جنهن ۾ علائقائي رابطن تي خصوصي ڌيان سميت واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ شامل آهي، ٻئي ملڪ ان کان اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ داخل ٿيڻ جي مضبوط عزم جو اظها?? ڪري چڪا آهن. وزيراعظم عمران خان پاڪستان، تاجڪس??ان بزنس فورم جي پهرين اجلاس جو افتتاح به ڪندو. جنهن جي لاءِ پاڪستاني واپارين جو هڪ گروپ دوشنبي جو دورو ڪندو، جوائنٽ بزنس فورم وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي متحرڪ ڪندو ۽ ٻنهي پاسن کان واپاري برادري جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيندو. ان موقعي تي پاڪستان، تاجڪس??ان گڏيل بزنس ڪائونسل جو اجلاس به ٿيندو، پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ خطي ۾ معاشي ترقي، امن ۽ سلامي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل خيال ۽ هڪجهڙي خواهش رکندا آهن، وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو وچ ايشيا سميت ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پاڪس??ان جي گهري لاڳاپن جو حصو آهي جنهن ۾ سياسي لاڳاپا، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن کانسواءِ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي 5 اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.