اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال جي حوالي سان آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن عو??م ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي. هو چونڊن ۾ الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، شبلي فراز، صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ نادرا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي الي??ٽر??نڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال جي حوالي سان جڊي??ل ڪميشن جي تجويز ڪيل قانوني ترميمن کان آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد چون??ن جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي. وزيراعظم ان ڏس ۾ آگاهي مهم تيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته جئ??ن عوام ۽ سمورن حصيدارن کي ان عمل جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهجي ۽ بنا جواز جي تنقيد جو حقيقتن سان گڏ جائزو پيش ڪري سگهجي.