اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اف??انستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آ??ي، ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي، اف??انستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آ??ي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ اف??انين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اف??انستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه کي ٻڌايو ته ان جي جرمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان اف??انستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته اف??انستان جي حوالي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اف??ان شهرين جي جان ۽ مال ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقي??ي بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله اف??ا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي اف??انستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. اف??انستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 90ع جي ڏهاڪي جي صورتحال کان بچڻ لاءِ اف??انستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي اف??انستان جي نئين سر تعمير ۽ اف??انين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان اف??انستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آ??ي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ??ئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.