اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي بهاولپور پهچي ويو آهي. وزيراعظم بهاولپور ?? ڏکڻ پنجاب جي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم کي فعال ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي ڪارڪردگي ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. بعد ۾ وزيراعظم حڪومت جي زراعت تي خصوصي ڌيان جي ويزن جي تحت ٿيندڙ آبادگار ڪنوينشن ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو. جتي نه رڳو ڏکڻ پنجاب ۾ پيداوار جي اضافي پر آبادگارن جي مدد جي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم ملڪ ۾ وڏي پئماني تي جاري سانوڻي جي مند جي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ لال سوهانره نيشنل پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائيندو ۽ اتي ٻيلن جي تحفظ لا??ِ جديد ٽيڪنالاجي جو جائزو به وٺندو .