پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن پشاور ?? مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي مردان خان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي ??يبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي ??ا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل عمار?? جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي کاتي ??ي ڪوششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اها عمارت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهجهان جي حڪومتي ??ور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اها شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عمارت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪري رهي هئي جنهن تي ??رڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عمارت علي مردان خان کانپوءِ سک حڪومتي ??ور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪل??وڊ آگسٽ ان عمارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين اتي ??هيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عمارت کي سرڪاري طور تي ??هائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اها عمارت رڪارڊ روم جي طور تي ??ه استعمال ۾ رهي آهي.