اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي غربت مان ڪڍڻ ??اءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح هيٺين طبقي جي ??الي مدد سان گڏوگڏ انهن کي روزگار ۾ پاڻڀرو بڻائڻ آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪامياب ??اڪستان پروگرام جي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگار وقار مسعود، عثمان ڊار، نئون پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، پنجاب بئنڪ جي صدر ظفر مسعود، سميت لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب ڪاروبار، ڪامياب آبادگار، ڪامياب ??نرمند پروگرام، گهٽ لاڳت واري رهائشي اسڪيمن ۽ ڪامياب ??اڪستان ها??وسنگ لاءِ هول سيل ليڊنگ کي هڪ پروگرام ڪامياب ??اڪستان پروگرام ۾ شامل ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.